اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

حڪومت مهانگائي گهٽائڻ ۾ ناڪام،هڪ هفتي ۾ 28 شيون مهانگيون

اسلام آباد :ملڪ ۾ ضروري شين جي اگهن ۾ اضافي سبب عوام جي اهنجن ۾ اضافو ٻيڻو ٿي ويو آهي. گذريل هفتي مهانگائي جي شرح 15 ڏهائي 85 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. شماريات جي وفاقي بيورو (ايف بي ايس) مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ايڪسپريس نيوز کي مليل رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل هفتي دوران 28 ضروري شين جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هفتي سڄي ملڪ ۾ 6 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. جڏهن ته 17 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. انگن اکرن موجب گذريل هفتي اٽي جي ٿيلهي ۾ سڀ کان وڌيڪ 41 ڏهائي 78 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ان کان علاوه ڪڪڙ جي اگهه ۾ 12 ڏهائي 13 سيڪڙو، آلو جي قيمت ۾ 7 ڏهائي 04 سيڪڙو، انڊن جي قيمتن ۾ 5 سيڪڙو اضافو ٿيو. دال جي قيمت ۾ 4 ڏهائي 79 سيڪڙو اضافو ٿيو. اهڙي طرح ماش جي دال، گوشت، سگريٽ ۽ ماچيس جا اگهه به وڌي ويا. ٻئي طرف گذريل هفتي دوران ٽماٽر، ڪيلا، کنڊ ۽ ايل پي جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. وفاقي شماريات بيورو جي رپورٽ موجب هلندڙ سال جي بنياد تي بصر، ٽماٽي، ٿوم ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ گذريل هفتي ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٿيو. جڏهن ته گذريل هفتي ايل پي جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button