پاڪستانسنڌ

ڪلوئي جي مڊل اسڪول ۾ 3 سئو ٻارن لا رڳو هڪ استاد مقرر!!!

ڪلوئي:ڪلوئي لڳ ڳوٺ ونگڙ ۾ 2006ع ۾ ٺهيل مڊل اسڪول ۾ استادن جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي، سوين شاگردن لا رڳو هڪ استاد مقرر آهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن مجنون نهڙيو، مختيار نهڙيو، حليم نهڙيو ۽ ٻين چيو ته اسڪول ۾ 3 سئو کان وڌيڪ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهن ٿيون، پر مين تاجو پاڙهو اسڪول ۾ استادن جي سخت کوٽ آهي، جنهن سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي عملدارن کي شڪايتون ڪيون آهن، پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته جلد استاد مقرر ڪري ٻارن جي تعليم بچائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button