پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

سامارو (ن، سنڌ ايڪسپريس) سامارو آبپاشي سب ڊويزن مٺڙائو ڪئنال جي 65 ريگيوليٽر وٽان نڪرندڙ ڇتان شاخ جي ننڍن آبادگارن عبدالغفور ساند، غلام قادر ڀٽي، عبدالڪريم ڀٽي، طالب حسين ڀٽي، قربان علي ڀٽي، اڪرم ڪوٽڙيو، عبدالوحيد منگي، حاجن چاوڙو، ڌڻي بخش چاوڙو ۽ خان خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مين روڊ ميرپورخاص تي نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ھڪ ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته سامارو سب ڊويزن ۾ پاڻي جي 21 هين وارابندي آھي، اسان ڇتان مائينر جا ننڍا آبادگار آهيون آبپاشي ايس ڊي او مولابخش لغاري ۽ سندس عملو گذريل ڳچ عرصي کان بغير شيڊيول جي غير منصفاڻي ورڇ ۾ اسان جا پاڻي جا وارا ماري ڪڏھن اٺاويھون ته ڪڏھن 36 ھون پاڻي اھو به گيج گھٽائي پاڻي ڏئي فصل ۽ گاهه سڪائي ڇڏيا آهن. ڇتان مائينر جي واٽر ڪورسن تي آباد ڳوٺن جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي لا به پريشان آهن، پر آبپاشي عملو جمعي ڏينھن تي مختلف واھن، شاخن ۽ مٺڙائو ڪئنال جي ڊائريڪٽ واٽر ڪورسن تي رشوتن عيوض بااثر وڏن آبادگارن کان پائيپ، ونجھيون، روٽر، مشينون ۽ مختلف شاخن تي ڳنڍا ڏياري پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن. ھنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته راشي ايس ڊي او ۽ سندس عملي خلاف قدم کڻي جلد پاڻي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button