رتيديري ويجهو ڳوٺ ميهر گهانگهرو جو رهواسي نوجوان محمد الياس پٽ گل محمد گهانگهرو گم ٿي ويو. ان سلسلي ۾ وارثن ڳولا ۾ مدد لا پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر امداد گهانگهرو، امجد علي، وزير علي، الطاف، ذاڪر، صغر احمد، امان الله، غلام اڪبر، محمد پناهه، غلام اڪبر، اسدالله، وسيم احمد، الهڏنو، ضمير احمد ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 2007ع ۾ 9 محرم ڏينهن محمد الياس گھانگھرو 20 ورهين جي عمر گم ٿي ويو هو، 15 سال گذرڻ بعد به هن جو اڃا تائين ڪو پتو پئجي نه سگھيو. هنن چيو ته نوجوان اهو چئي گهر کان ٻاهر نڪتو مان جلد واپس موٽي ٿو اچان پر واپس نه موٽيو آهي. هنن چيو ته اسان نوجوان جي گمشدگي جي رتوديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پر هن وقت تائين پوليس به ڪو پتو لڳائي نه سگھي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close