سنڌ

قمبر ۾ شهرين جي پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

قمبر ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي. ريلي لاڙڪاڻو بس اسٽيڊ کان ڪڍي مختلف روڊن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي. جتي اڳواڻن آصف علي ابڙو، محمد بخش چانڊيو، وزير علي مغيري، رازي جاگيراڻي ۽ ٻين چيو ته هن ملڪ جي سالميت خاطر هزارين پاڪ فوج جي جوانن پنھنجي جانين جو نذرانو ڏنو آهي. هنن چيو ته ڪجهه ملڪ دشمن عناصر ٻاهرين دشمن ملڪن جي هٿن ۾ کيڏي ڪري ملڪ ۽ فوج خلاف غلط ۽ ڪوڙيون پروپيگنڊائون ڪن ٿا جن جي مقصدن کي ڪڏهن ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button