سنڌ

ٺل ويجهو چاچي سان ڪارنهن جو الزام لڳڻ بعد نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

ٺل ويجهو چاچي سان ڪارنهن جو الزام لڳڻ بعد نوجوان زهر پي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي. ٺل ويجهو مبارڪپور ٿاڻي حد ڳوٺ ڪسارو شر جي رهواسي نوجوان غلام محمد ولد محمد ابراھيم شر پاڻ مٿان چاچيءَ سان ڪارنهن جو الزام لڳڻ بعد زهر پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وارثن کيس بيهوشي واري حالت ۾ تعلقه اسپتال ٺل آندو، جتي نوجوان جي حالت ڳڻتي هجڻ ڪري کيس جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو پر نوجوان رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. نوجوان جي وارثن ٻڌايو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ نوجوان غلام محمد شر مٿان پنهنجي چاچي پنهنجي گهرواري سان ڪارنهن جو الزام لڳايو هو، جنهن بعد نوجوان شرمندگي محسوس ڪندي زهر پي خودڪشي ڪئي آهي. هوڏانهن مبارڪپور پوليس جو چوڻ آهي ته ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button