سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جو سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي واسي نوجوان سنڌ اندر پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان لطيف لانگاهه ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته هن وقت مئي مهينو هلي رهيو آهي، پر سنڌ جي مختلف ڪئنالن، شاخن ۽ واهن ۾ واري اڏامي رهي آهي، جنهن سبب هاري ۽ آبادگار سخت پريشان آهن. هن چيو ته حڪمران پاڻي کوٽ ڏيکاري هاري ۽ آبادگارن کي ساريالي فصل لاءِ پاڻي فراهمي نه ڪري رهيا آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏئي هاري ۽ آبادگارن ۾ پيدا بي چيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button