سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

چنڊ جي مٽي مان ٻوٽي جي پيدائش جو تجربو ڪامياب

سائنسدانن چنڊ جي مٽي مان ٻوٽي جي پيدائش جي ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، جنهن سان انسان جي چنڊ تي ڊگهي مدي تائين رهڻ واري قدم ڏانهن بھ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي تھ، تحقيق ڪندڙ سائنسدانن 1957ع ۽ 1972ع ۾ اپالو مشن ذريعي چنڊ تان آندل مٽي کي ٻوٽي جي پيدائش جي تجربي خاطر استعمال ۾ آندو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ سائنسدانن جي حيرت ۾ ان وقت ڇرڪ جوڳو اضافو ڏٺو ويو، جڏهن تھ چنڊ جي مٽي ۾ پوريل ٻج رڳو ٻن ڏينهن اندر ڦٽي سلي جي صورت ۾ ٻاهر نڪري آيو. چنڊ جي مٽي ۾ ٻوٽو پوکڻ بابت تيار ڪيل مقالي جي شريڪ ليکڪا فلوريڊا يونيورسٽي جي پروفيسر اينا ليزا پال جو چوڻ آهي تھ مان اوهان کي ٻڌائي نٿي سگهان تھ، اسان ڪيترا حيران ٿيا هئاسين،

چنڊ جي مٽي مان پيدا ڪيل سلو سائنسدان ڏيکاريندي

هر ٻوٽو، اهو چاهي چنڊ جي نموني ۾ هجي يا وري ڪنٽرول ۾، اهو 6 ڏينهن تائين هڪجهڙو ئي نظر پئي آيو. هن ٻڌايو تھ چنڊ جي مٽي ۾ ڦٽي آيل سلو ڇڪ جو شڪار نظر آيو ۽ آهستي آهستي ان جي نشونما بيهي رهي. هوڏانهن تحقيقي ۾ شامل ٻين ماڻهن جو چوڻ آهي تھ هي وڏي اڳڀرائي آهي ۽ ان جا زميني اثرات بھ آهن. ناسا جي سربراهه بل نيلسن جو چوڻ آهي تھ هي تحقيق چنڊ ۽ مريخ تي انساني مشن بابت انتهائي اهم آهي، ٻنهي جڳهين تي موجود وسيلن کي ترقي ڏئي سائنسدانن کي خوراڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button