سنڌ

عمران خان چاهي پيو ته اسٽيبلشمينٽ ٽائيگر فورس بڻجي حمايت ڪري: بلاول ڀٽو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان چاهي پيو ته اسٽيبلشمينٽ ٽائيگر فورس بڻجي سندس حمايت ڪري، اسان جمهوري هٿيار استعمال ڪري غيرجمهوري شخص کي گهر موڪليو، اها ٻاهرين سازش نه پر جمهوري عمل هو، سياسي ڪارڪنن جي فتح آهي، عمران خان “مون کي ڇو نه بچايو” تحريڪ هلائي رهيو آهي، هي ڪهڙي قسم جو وزيراعظم هو جنهن پنهنجي دور ۾ معيشت کي نقصان پهچايو. پرڏيهي وزير طور حلف کڻڻ بعد پهريون ڀيرو ڪراچي اچڻ تي استقبال لا ايئرپورٽ جي اولڊ ٽرمينل وٽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان سڀني کي مبارڪون هجن، جيالن جي ڪاميابي ٿي آهي، جمهوريت جي فتح ٿي آهي، چئني صوبن جي ڪاميابي ٿي آهي، اسان سليڪٽيڊ ڪٺ پتلي ۽ نااهل وزيراعظم کي گهر موڪلي ڇڏيو آهي، جيالا جڏهن به آئين جي تحفظ، وقت جي آمر، ظالم خلاف نڪرن ته ڪامياب ٿيندا آهن. هن چيو ته جڏهن ملڪ تي ڪٺ پتلي راڄ مڙهيو ويو ته جيالن هڪ نئين جدوجهد شروع ڪئي، پهرين ڏينهن کان ئي غير جمهوري ماڻهو خلاف بيٺل رهياسين ۽ اکين ۾ اکيون وجهي چيو ته توهان اليڪٽيڊ نه پر سليڪٽيڊ آهيو، نالائق سليڪٽيڊ کي ڪڏهن به قبول ناهي ڪيو. جدوجهد جاري رهندي. پرڏيهي وزير چيو ته جڏهن لانگ مارچ شروع ڪيو ته کيس اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ چيو پر هو نشي ۾ هو، اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، قافلو جڏهن اسلام آباد پهتو ته عدم اعتماد جو اعلان ڪيو، جمهوري هٿيار استعمال ڪري غير جمهوري شخص کي گهر موڪليو. سازش جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اڄ سليڪٽيڊ چئي ٿو ته اها ٻاهرين سازش آهي، اها ٻاهرين سازش نه پر جمهوري عمل هو، وائيٽ هائوس نه پر بلاول هائوس توهان جي خلاف سازش ڪئي، اها پرڏيهي سازش نه پر سياسي ڪارڪنن جي فتح آهي، پارليامان، آئين ۽ جمهوريت جي ڪاميابي آهي، اها تبديلي اصل تبديلي آهي. اها تبديلي راتورات ناهي آئي، ٽي چار سال جيالن جدوجهد ڪئي.

هن چيو ته اهي ماڻهو ضمني چونڊن ۾ هارائي ويا، ڇو ته اهي سليڪٽيڊ ٿي آيا هئا، يوسف رضا گيلاني کي کٽي ڏيکاريو ته ڪٺپتلي ڪري سگهي ٿو، پنهنجي ساٿين کي بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ قائل ڪيو، هر شخص جو هڪ ئي مطالبو ۽ نعرو هو ته گو سليڪٽيڊ گو سليڪٽيڊ. بلاول چيو ته عمران خان هر اداري تي حملو ڪيو، ميڊيا کي خاموش ڪرايو، عمران چاهي ٿو ته هر ادارو ٽائيگر فورس بڻجي ڪم ڪري، عمران چاهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ٽائيگر فورس بڻجي ان جي حمايت ڪري، ويندي ويندي به هن شخص نقصان ڪيو آهي ۽ بي اعتمادي رٿ کان ڀڄندي ڀڄندي اسان جي آئين تي حملو ڪيو. هن چيو ته جمهوري طريقي سان وزيراعظم کي هٽائڻ جو رستو بي اعتمادي رٿ آهي، عمران خان مون کي ڇو نه بچايو تحريڪ هلائي رهيو آهي، هي ڪهڙي قسم جو وزيراعظم هو جنهن پنهنجي دور ۾ معيشت کي نقصان پهچايو، خزانو خالي ڇڏي ڏنو، معاشي بحران ڇڏيو ته جيئن عوام کي تڪليف ٿئي، پنهنجي انا خاطر ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي آهي ته اسان خيرات نه پر واپار گهرنداسين، مون کي خبر آهي ته جيڪڏهن اسان پرڏيهي پاليسي کي آزاد طريقي سان هلائينداسين ته عوام لاءِ موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا، پاڪستان جو موقف پوري دنيا تائين پهچائينداسين.

هن چيو ته اسٽيل مل کي چئون ٿا ته اسان وٽ نجڪاري واري وزارت آهي، اچو ته گڏجي ڪم ڪريون، اسٽيل مل جي لا به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت نئون منصوبو آڻي سگهون ٿا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٿر ڪول مان پاڪستان کي بجلي فراهم ڪري سگهون ٿا، بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام کي بچائينداسين ۽ غريبن سان انصاف ڪيو ويندو. هن چيو ته هن ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ سخت محنت ڪنداسين، سليڪٽيڊ ڪڏهن به اليڪٽن نه ٿو چاهي، هو سليڪشن چاهيندو آهي، اسان پهرين به توهان جو مقابلو ڪيو، اڄ به تيار آهيون، اسان پارليامينٽ ۾ توهان جو مقابلو ڪيو، هاڻ اسان توهان جو سياسي مقابلو ڪنداسين. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان کان آئين جي ڀڃڪڙي جو احتساب ورتو ويندو، اسان جو مطالبو آهي ته عمران خان مديني واري واقعي تي معافي وٺي. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ زراعت، پاڻي ۽ معيشت جو بحران آهي، پيپلز پارٽي پهرين ڏينهن کان پاڪستان ۾ پاڻي جي سياست جي خلاف آهي ڇو ته اهو ڪنهن پارٽي جو نه پر سمورن صوبن جو مسئلو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڻي جي بحران سبب اسان جا سرسبز علائقا اڄ سوڪهڙي ۽ ريگستان ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، اهو نقصان ڪنهن صوبي جو نه پر وفاق جو آهي، بلوچستان ۽ ڊيرا بگٽي ۾ به پاڻي جو بحران آهي، اتي عوام خراب پاڻي پيئڻ سبب بيمار ٿي رهيو آهي، چولستان جون تصويرون به سامهون آيون آهن جتي پاڻي جي کوٽ سبب جانور مري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي بحران سبب ڪپهه جو فصل تباهه ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن هاري فصل لاءِ پاڻي جو بندوبست ڪن ته پيئڻ جو پاڻي به موجود ناهي، ڪراچي ۾ به پاڻي جو بحران وڌي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي اميد آهي ته موجوده حڪومت ڪي فور منصوبي سميت پاڻي جي ٻين منصوبن تي ڪم ڪندي ۽ ماضي وانگر هن سنگين مسئلي کي نظرانداز نه ڪندي. هن چيو ته عمران خان ماڻهن کي گهر ڏيڻ بدران حددخلين جي نالي تي ماڻهن کان گهر کسي ڇڏيا، ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪرن بدران ملڪ ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button