سنڌ

راضيديرو ۽ ڀرپاسي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي ريلي

راضيديرو ۽ ڀرپاسي جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف خيرپور – لاڙڪاڻو روڊ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي راضيديرو يوٿ فورم جي علي آزاد جکڙ، امجد علي، قمبر علي، شڪيل عباسي، لعل بخش سيال، ميان فدا حسين عباسي، محمد پنجل کهڙو، جمال محمود کهڙو، نصير علي ڪوري، چوڌري اصغر ھوندل، ڪامريڊ راجا ڪوري، ذوالفقار علي سيال، امتياز جسڪاڻي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب فصل سڙي تباھه ٿي ويا آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جون به نٿي چري. اڳواڻن چيو ته ڊيزل جي قيمت آسمان تي پهتي آهي، عام ماڻهو سخت پريشان آهن. 6 مهينا ٿي ويا آهن پر اولڊ مائينر شاخ ۾ پاڻي ناهي پهتو، جيڪو مٿان کان پاڻي اچي پيو ان پاڻي تي اتان جي وڏيرن، ڀوتارن شاخن کي ڪٽ، ونجهيون هڻي پڇڙي وارن هارين جي پاڻيءَ تي قبضو ڪيو آهي. 2 سال کان شاخ جي کاٽي ناهي کڻائي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button