سنڌ

سڳيون جي ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن،20 شڪي گرفتار

سڳيون جي ڪچي واري علائقي ڪيٽي منگي ماڙي، محمود چنا، ٽيپاڻي بهليم، اڳڙا سميت مختلف علائقن ۾ ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال پوليس اٽالن 200 پوليس اهلڪار ۽ 8 کان وڌيڪ ڊي ايس پيز سميت مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سان گڏجي ڏوهارين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، آپريشن دوران پوليس 20 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڏوهارين جون پناهه گاهون ختم ڪري ڇڏيون. پوليس آپريشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي درياهي لنگهن کي بند ڪري جديد هٿيارن ۽ اي پي سي گاڏين جي استعمال سان ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو آهي. ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال مطابق آپريشن جو مقصد سنگين ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button