سنڌ

ڊکڻ ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ڊکڻ ويجهو غلام شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي 42 ورهين جي نوجوان محمد رمضان ٿهيم پٽ سليمان ٿهيم کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ڊکڻ ويجهو غلام شاھه ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي 42 ورهين جي نوجوان ڳوٺاڻي محمد رمضان ٿهيم پٽ سليمان ٿهيم کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي غلام شاهه ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ڳڙهي ياسين اسپتال منتقل ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي والد سليمان ٿهيم ٻڌايو ته نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي نوجوان پٽ رمضان ٿهيم کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي. ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري پٽ جي خون سان انصاف ڪري. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته قتل جو فوري طور تي ڪو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button