سنڌ

سکر ۾ پوائنٽ بس خراب هجڻ خلاف احتجاج، شاگردن تي تشدد

سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين خراب ٿيل پوائنٽ بس خراب هجڻ جي شڪايت ڪرڻ تان شاگردن مٿان تشدد ڪيو ويو، واقعي خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري پرنسيپال آفيس آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج جي اطلاع تي صحافي ۽ ڪئمرامين ڪوريج لاءِ پهتا ته ڪاليج انتظاميا گيٽ بند ڪرائي ڇڏيا. ان دوران ڪاليج جي گارڊن صحافين سان بدتميزي ڪئي ۽ 3 صحافين کي تشدد جو نشانو بڻائي انهن کي يرغمال ڪيو. شاگردن جي احتجاج ۽ صحافين تي تشدد جي اطلاع تي اي ايس پي سٽي پوليس اٽالن سان گڏ ميڊيڪل ڪاليج پهتو پر ڪاليج انتظاميا پوليس کي به ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ۽ گيٽ تي روڪي ڇڏيو، ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين چيو ته شاگردن کي پوائنٽ نه ملڻ تي پرنسيپال آڏو احتجاج ڪيو ته پرنسيپال شڪايت جو نوٽيس وٺڻ بدران گٿا لفظ ڳالهايا ۽ بدتميزي ڪري تشدد جو نشانو بڻائي ڌمڪيون ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button