ڪشمور جي يو سي مسووالا لاءِ ضلعي ڪائونسل اميدوار اول جان مزاري جا فارم رد ڪيا ويا. اول جان مزاري فارم رد ٿيڻ خلاف مزاري هائوس گڊو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهجا يوسي مسووالا نمبر5 جا فارم سياسي بنيادن تي رد ڪيا ويا آهن، بجلي چوري جو الزام لڳائي فارم رد ڪيو ويو آهي، منهنجي پروپوزل جو شناختي ڪارڊ گم ڪيو ويو آهي. هي جواز ڄاڻائي منهنجو فارم رد ڪري سردار دائود جان مزاري کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو ويو آهي، جيڪا ناانصافي آهي، جنهن خلاف ڪورٽ سڳوري وٽ به ويندس. هن چيو ته مان اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪريون ٿا ته مامري جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close