پاڪستانسنڌ

لاڏلي کي مليل سپورٽ اسان کي ملي ها ته پاڪستان راڪيٽ جيان مٿي وڃي ها: وزيراعظم

ڪراچي: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته چئن سالن ۾ ڊالر 115 کان 189 رپين تائين پهچي ويو، اُن ۾ اسان جو ڪو به ڏوهه ناهي، جيڪا سپورٽ لاڏلي کي ملي، اهڙي طرح اسان جِي ڪنهن حڪومت کي 30 سيڪڙو به سپورٽ ملي ها ته پاڪستان راڪيٽ جيان مٿي وڃي ها، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڇا اسان جي قسمت ۾ لکيل آهي ته غريب ۽ فقير رهنداسين، نه، بلڪل نه، قوم متحد ٿي وڃي ته 10 سالن ۾ ملڪ جي تقدير تبديل ٿي ويندي، هن چيو ته ڏکيو وقت آهي ته سڀ کان پهريان قرباني ڏيڻي پوندي، ساڍن ٽن سالن دوران معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيو، پنهنجي بدترين انتظامي بعد ماڻهن لاءِ غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ سعودي عرب هڪ ارب ڊالر سيڙڪاري جو تحفو ڏنو آهي، سنڌ سرڪار، ايم ڪيو ايم ۽ واپاري گڏجي پلان جوڙين، وزيراعظم چيو ته بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿيندي ڏسي حڪومت تيل سستو ڪري ڇڏيو، جيڪا سپورٽ لاڏلي کي ملي اسان جي ڪنهن حڪومت کي ان جي 30 سيڪڙو سپورٽ ملي ها ته پاڪستان بي انتها ترقي ڪري ها، چئن ورهين ۾ ڊالر 115 کان 189 تائين وڃي پهتو، ان ۾ اسان جو ڪوبه ڏوهه ناهي. ڪراچي جي هڪ ڏينهن واري دوري تي واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آگسٽ 2018ع ۾ ڊالر 115 رپين جو هو، ان وقت ڪابه سياسي ڇڪتاڻ نه هئي، اسان جي دور ۾ جديد بجلي جا منصبوبا لڳا، لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي ته پوءِ وري ڇو شروع ٿي وئي.

هن ڀارت سان ملڪي اقتصادي صورتحال ڀيٽيندي چيو ته جيڪڏهن ڀارت اسان ڏي ميري اک کڻي ڏسندو ته ان کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏينداسين، اسان جوهري ميدان ۾ ان کي بدترين شڪست ڏئي سگهون پر آءِ ٽي جي شعبي ۾ سميت ٻين شعبن ۾ اسان انهن جو مقابلو نٿا ڪري سگهون، پاڪستان آءِ ٽي ۾ 15 ارب ڊالرن جي ايڪسپورٽ ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ساڍن ٽن ورهين ۾ گذريل حڪومت 22 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، قوم لوڊشيڊنگ شروع ٿيڻ جو جواب گهري ٿي، ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪن ٿا، وري امپورٽ ڪن هي سياسي افراتفري هئي، هنن پنهنجي بدترين بدانتظامي کانپوءِ ماڻهن کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. هن چيو ته مون امپورٽ تي ڊيوٽي ناهي وڌائي جڏهن ته لگزري آئٽم تي ڪجهه وقت لاءِ پابندي لڳائي آهي، اسان گاڏيون گهرائي وٺون ۽ غريب کي ٽٽل سائيڪل به نه ملي تعش واري سامان تي پابندي سان 4 ارب ڊالر بچندا جيڪي خوردني تيل تي خرچ ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته ڏکيو وقت آيو آهي ته قرباني ڏئڻي پوندي، سي پيڪ تي لڳندڙ الزامن سان چين ڏاڍو ناراض ٿيو هو، چين ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي ۾ سنجيدگي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي، سنڌ حڪومت، ايم ڪيو ايم ۽ ڪاروباري شخصيتون گڏجن ۽ منصوباندي ڪن، هڪ ارب رپين جي سيڙپڪاري موجود آهي ان جو پلان ترتيب ڏين.

هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي واري مسئلي جي حل لاءِ سعودي عرب هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪرڻ جو تحفو ڏنو آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف سان ترڪي جي قومي دفاع واري وزير وفد جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويراعظم آفيس مطابق جهاز سازي، انجنيئرنگ، سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ سميت سمورن شعبن ۾ ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي ساراهيو ان سمورن بين الاقوامي فورمز تي ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني موقف جي حمايت تي ترڪي جي حڪومت ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي شپ يارڊ ۾ ملجم ڪلاس جهاز پي اين ايس بدر پڻ لائونچ ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button