پاڪستان

اسان وات کوليو ته عمران کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي: بلاول ڀٽو

نيويارڪ: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جنهن طريقي سان عمران خان جي حڪومت ٺهي ۽ هلي، جيڪڏهن اسان وات کوليو ته خان صاحب کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان انتهاپسندي جي سياست ڏانهن وڌي رهيو آهي، هو پارلياماني ۽ آئيني سياست نه ڪري رهيو آهي ۽ ادارن ۽ سياسي مخالفن تي ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنهن طريقي سان عمران خان جي حڪومت ٺهي ۽ هلي، جيڪڏهن اسان وات کوليو ته خان صاحب کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي، سياست جنگ وانگر نه ڪرڻ گهرجي، پيپلز پارٽي ڪڏهن به ذاتي مفادن کي ترجيح ناهي ڏني. هن وڌيڪ چيو ته هر اسٽيڪ هولڊر ۽ پارٽي کي گڏجي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، جڏهن ته شهباز حڪومت کي مسئلن جي حل لاءِ موقعو ملڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button