سنڌ

باڊهه جي لائبريري ۾ اخبار ۽ رسالن جا بل ادا نه ٿيڻ خلاف احتجاج

باڊهه جي لائبريري ۾ ايندڙ اخبارن ۽ رسالن جي بلن جي ادائيگي نه ڪرڻ خلاف صحافين ۽ شاگردن ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي طاهر نور هيسباڻي، فقير فياض ڪانڌڙو، ڊاڪٽر غلام حيدر کوکر، ڪامريڊ قادر بروهي، در محمد ڪانڌڙو، افضل سانڀل، عزيز گوپانگ، علي رضا نوناري، نبي بروهي، ذوالفقار علي ڪانڌڙو، نجم الدين ڪوري، مرتضيٰ گوپانگ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته راشي نااهل ٽائون آفيسر طارق زنگيجو ايڊمنسٽريٽر شھزادو کوکر هڪ ڪروڙ 10 لک بجيٽ باوجود بلن جي ادائگي نه ڪرڻ تي صحافي ۽ هاڪر اخباري ادارن جا باقيدار بڻجي ويا آهن. احتجاج ۾ شامل شاگردن علي رضا ڪانڌڙو، فهيم نوناري، وحيد بروهي ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ هڪ ئي لائبريري موجود آهي جتي اڳ ئي ڪتابن جي کوٽ آهي، ويتر نااهل ٽائون آفيسر طارق زنگيجو ۽ ايڊمنسٽريٽر شهزادو کوکر علم دشمني جو مظاهرو ڪندي لائبريري بند ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته بلن جي عدم ادائگي ڪري لائبريري ۾ ايندڙ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا بند ٿيڻ سبب شاگردن کانسواءِ چٽاڀيٽي جي امتحان جي تياري ڪندڙ نوجوانن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button