سڌ سماءُ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عبدالستار ايڌي ( بي آر ٽي اورينج لائين) جو دورو ڪيو. بس ڊيپو، اسٽيشنز سميت بس ڪوريڊور تي هلندڙ ترقياتي ڪمن جي رفتار جو جائزو ورتو. سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو، ڊائريڪٽر آپريشنز ( اي سي ايم ٽي اي ) يوسف منير پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صوبائي وزير کي ڪنسلٽنٽ نيسپاڪ ريحان ضامن ۽ پيڪيج ون، پيڪيج ٽو، پيڪيج ٿري جي ڪارنٽريڪٽرز هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڏيندي چيو ته مونکي هر حال ۾ 30 مئي تائين ڪم مڪمل گهرجي. انڊر گرائونڊ فيول ٽينڪ، ويسٽ واٽر پلانٽ، ڊيپو تي شيڊ جي تعمير، لفٽس ۽ ايڪسيليٽر جي انسٽاليشن سميت سمورا ڪم مڪمل ڪيا وڃن. ايڪسيليٽر جا پرزا چين مان سامونڊي رستي بدران ھوائي جھاز ذريعي گهرايا وڃن. هن چيو ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جا آفيسر 24 ڪلاڪ ڪم جي نگراني ڪن ۽ مونکي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته مونکي ڪم هر حال ۾ مڪمل گهرجي، ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڏني ته ڪانٽريڪٽرز سائيٽ تي مشينري ۽ ليبر ۾ اضافو ڪن ۽ 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو وڃي، ادائيگين جي ذميواري منهنجي آهي، ڪانٽريڪٽرز کي مڪمل ادائيگيون ڪيون وينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close