ملير جي علائقي صفوران ڳوٺ ويجهو پلاٽ جي مالڪي تان پوليس ڪارروائي ڪري گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سوين رهواسين مهيسر هائوس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مڇريل ماڻهن مهيسر هائوس سميت پوليس تي پٿرا ڪيو، مڇريل ماڻهن ڪيترن گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، پٿرا ۾ 3 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، پوليس ڪارروائي ڪري مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، پوليس فوري ڪارروائي ڪري عبداللطيف بڪڪ کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي مهيسر هائوس جي مالڪ سينئر قانوندان رحمان ڏنو مهيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي گهر جي پلاٽ تي وڏي عرصي کان ڪجهه ماڻهو قبضو ڪري ويٺل هئا، اسان قانوني ماڻهو آهيون، قانوني طور عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هو، عدالت جي حڪم تي پوليس قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن تي قبضا مافيا جي سوين ماڻهن هٿيارن سان منهنجي هائوس سميت پوليس تي حملو ڪيو آهي، پوليس بروقت ڪارروائي ڪري حملا آورن کي گرفتار ڪيو آهي هڪ ڪيس پوليس ٻيو منهنجي ملازم ۽ ٽيون ڪيس منهنجي مدعيت ۾ عبداللطيف، محمد ارشد، ميان بخش، انور، محمد راشد سميت 150 ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾هڪ جوابدار عبداللطيف گرفتار آهي اسان سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، پوليس جي موجودگي ۾ منهنجو وڏو نقصان ٿيو آهي، مونکي جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ملن پيون، رحمان مهيسر چيو ته پوليس هن وقت به اسان جي هائوس تي بيٺل آهي، جوابدار موقعي جي تلاش ۾ آهن، ٻئي طرف سچل ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ته عدالت جي حڪم تي قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو آهي پوليس تي حملو ڪيو ويو، 3 اهلڪار زخمي ڪيا ويا آهن، جوابدارن مٿان 3 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 150 ماڻهو ڪيسن ۾ نامزد آهن، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي. هوڏانهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ پوليس جون بڪتر بند گاڏيون بيٺل آهن. ٻئي طرف جسقم ڪراچي ڊويزن جي ڪوآرڊينيٽر الاهي بخش بڪڪ چيو آهي ته قبضا مافيا رحمان مهيسر آھي، جيڪو وڪالت جي آڙ ۾ لوڪل ماڻهن جي گهرن زمينن تي قبضا ڪرائي ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي عدالت ۾ غلط ڪيس داخل ڪري رهيو آهي، اسان جي بڪڪ برادري سان ظلم ٿيو آهي، اسان سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close