مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آھي ته عمران خان جي سياست ھاڻ بند گھٽيءَ ڏانھن وڃي رھي آھي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ھن وڌيڪ چيو تھ اڪيلائپ سبب عمران نيازي ۽ سندس پارٽي کي سياسي طور تي مفلوج ڪري ڇڏيندي. صوبائي وزير چيو تھ عمران نيازي جي خواھش ھئي تھ سندس حڪومت وڃڻ کانپوءِ سندس مرضيءَ جو وزيراعظم ھئڻ گھرجي. عمران خان ضد ڪري پنھنجي پوري ٽيم کي ملڪ جي ادارن خلاف بيھاري ڇڏيو. سيد ناصر شاھھ چيو تھ ليبارٽريءَ ۾ بڻيل ليڊر انگريزي فلمن جي جن وانگر سندن ڪنٽرول مان نڪري ويو آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ جن ڀلي جيترو نقصان پھچائي پر ليبارٽري وارا ان کي جڪڙي وٺندا. ھن چيو تھ اڳوڻا وزير جيڪا ٽي شرٽ پھري ميڊيا تي ڀاشن ڏيندا آھن تمام جلد عمران نيازيءَ جو نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيندا. ليبارٽري وارا ھاڻي سمجھي ويا آھن تھ اڳواڻ ليبارٽري نھ عوام بڻائيندو آھي، ھاڻي مان عمران نيازيءَ جو لانگ مارچ بني گالا ڏانھن ھائبرنيشن ۾ ڏسي رھيو آھيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close