ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون بابت وزيراعليٰ سنڌ صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته عمران خان نيازي قوم کي گمراهه ڪري رهيو آهي. عمران نيازي جو مقصد صرف اقتدار حاصل ڪرڻ آهي. هن جو مثال ان مڇي وانگر آهي، جيڪا پاڻي کان بغير نه رهي سگهندي، هي به اقتدار کان بغير تڙپي رهيو آهي. اقتدار کانسواءِ عمران نيازي کي ملڪ سان ڪو سروڪار ناهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته عمران خان نيازي ملڪ ۾ صرف انتشار ڦهلائڻ چاهي ٿو. ساڍن ٽن سالن جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ بجاءِ عوام کي لولي پوپ ڏئي رهيو آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته عوام ملڪ جو غيرتمند عوام عمران نيازي جي وڌيڪ ڪنهن ڌوکي ۾ نه ايندو. توشه خانه جو چور ٻين تي الزام هڻي رهيو آهي. هي لانگ مارچ جو نه پر ملڪ بچائڻ جو وقت آهي. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته عوام ملڪ کي تباهه ڪندڙ نيازي جي پويان نه هلندو. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته عمران نيازي يهودي لابي جي آَقائن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. عوام سندس ايجنڊي کي خاڪ ۾ ملائيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close