سنڌ

ڳڙهي خيرو واسي رٽائرڊ استاد جو بااثر خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ ملگاڻي چانڊيو واسي رٽائرڊ پرائمري استاد بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. استاد صدا بخش ملگاڻي دانهيندي الزام لڳايو ته مان سال اڳ رٽائرمينٽ ورتي هئي، جنهن لاءِ مان پنهنجي ڳوٺ واسي علي نواز شاهه کي ايجنٽ مقرر ڪري ڪم ورتو، جنهن 15 سيڪڙو رٽائرمينٽ لاءِ چيو، جڏهن ته رٽائرمينٽ جي سموري رقم 34 لک آئي پر ايجنٽ 15 سيڪڙو بدران 21 سيڪڙو رقم هڙپ ڪئي ۽ مونکي صرف 12 لک ڏنا. هن چيو ته بااثر علي نواز شاھه دوداپور پوليس کي منهنجي در تي وٺي آيو، جيڪو منهنجو چيڪ بوڪ، سروس بوڪ ۽ 21 لک ڏنڊي جي زور تي وٺي ويو آهي، مان رٽائرمينٽ بيماري سبب ورتي هئي، پر هي منهنجي رٽائرمينٽ مان 21 لک زوري ڦٻائي ويو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button