سنڌ

لاڙڪاڻي مان علاج بهاني گدو اسپتال منتقل ڪيل 2 ڀائر گم

لاڙڪاڻي پوليس هفتو اڳ علاج بهاني ٽرين ذريعي گدو اسپتال منتقل ڪيل نشي جا عادي ٻه سڳا ڀائر 9 ڏينهن کان گم آهن.لاڙڪاڻي جي ٻچو ٻوراهو جي رهواسڻ پيرسن عورت دربيبي بروهي پنهنجي پٽن گل محمد، محسن سان گڏجي احتجاج ڪندي دانهيو ته ايس ايس پي جي ھدايتن تي پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ نشي جي عادي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو جنهن ۾ منهنجا ٻه پٽ نور محمد بروهي ۽ محمد شان شامل هئا جيڪي گذريل 9 ڏينهن کان گم آهن. هن چيو ته ڪرايا ڀاڙا ڪري پٽن کي حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ ڳولا ڪئي. هن چيو گم ٿيل وڏي پٽ کي ٻن ٻارن جي اولاد آهي جيڪي هر وقت پيءُ کي ياد ڪري روئيندا رهن ٿا جنهن ڪري اسان تڪليف ۾ مبتلا آهيون. ايس ايس پي ٻنهي پٽن کي علاج بهاني وٺي گم ڪري ظلم ڪيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button