سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وير شرجيل انعام ميمڻ سان ڪراچي يونين آف جرنلسٽس ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي گڏيل وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ صدر ڪي يو جي اعجاز احمد، جنرل سيڪريٽري عاجز جمالي، سعيد جان بلوچ، محمد ناصر شريف، محمد رفيق بلوچ، طلحه هاشمي، لبني جرار نقوي، ايڇ يو جي جي حامد شيخ، جنيد خانزاده، آفتاب احمد شامل هئا. ملاقات ۾ سيڪريٽري انفارميشن عبدالرشيد سولنگي، ڊِي جي انفارميشن غلام ثقلين ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سليم خان به موجود هئا، وفد صوبائي وزير کي اطلاعات کاتي جوقلمدان سنڀالڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ گلدستو پيش ڪيو. ڪي يو جي صوبائي وزير کي صحافين جي مسئلن تي چارٽرڊ آف ڊمانڊ پيش ڪيو. ان موقعي تي صحافين ۽ انهن جي خاندانن جي هيلٿ انشورنس ۽ لائف انشورنس جي سهولت فراهم ڪرڻ، سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن بل جي تحت ڪميشن جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صوبائي وزير ڪي يو جي کي گرانٽس ۽ هائوسنگ سوسائٽي جي مسئلن جي حل جي اُپائن جو يقين ڏياريو. جڏهن ته ان موقعي تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي لاءِ به گرانٽ ڏيڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهھ ٿي. صوبائي وزير سيڪريٽري اطلاعات کي فوٽو جرنلسٽس کي صحافي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪرڻ ۽ سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن بل جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. صوبائي وزير چيو ته صحافين جي لائف انشورنس ۾ انهن جي خاندانن کي به شامل ڪيو وڃي. صحافي پنهنجي جان خطري ۾ وجھي پنهنجيون صحافتي ذميواريون نڀائيندا آهن. هيلٿ انشورنس سان صحافين جي لائف انشورنس تمام ضروري آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سموريون صحافتي تنظيمون هڪ ٿي وڃن ته هيلٿ انشورنس سان گڏ لائف انشورنس تي به گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. هن چيو ته هو وڏي وزير سان ڳالھه ڪري سنڌ جي صحافين جي لاءِ هيلٿ سرٽيفائيڊ جي سمورين تصديق ٿيل انشورنس ۽ لائف انشورنس جي پروگرامن جو آغاز ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته صحافين جو اتحاد ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ لازمي آهي. منهنجي سمورين صحافتي تنظيمن کي گذارش آهي ته هو هڪ ٿي وڃن، تقسيم سان اوهان جي طاقت گھٽجي ويندي آهي. ان موقعي تي ڪي يو جي جي جنرل سيڪريٽري عاجز جمالي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، جن صحافين جي ڀلائي جي لاءِ هميشه عملي اُپاءُ ورتا. هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان پاڪستان ايسوسي ايشن آف پريس فوٽو گرافرز جي وفد پڻ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت صدر پاڪستان ايسوسي ايشن آف پريس فوٽو گرافرز محمد جميل ڪري رهيو هو. وفد ۾ ايسوسي ايشن جو نائب صدر سعيد لاشاري، جوائنٽ سيڪريٽري ثاقب صديقي، خازن اعجاز ڪورائي، ميمبر محمد سلطان ۽ سلطان چاڪي شامل هئا. وفد صوبائي وزير کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي اطلاعات کاتي جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ گلدستو پيش ڪيو. وفد صوبائي وزير کي ايسوسي ايشن جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ وفد کي ايسوسي ايشن جي سالياني گرانٽ 10 لک مان وڌائي 25 لک روپيا ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close