سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو پنهنجي بااثر مائٽن جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ميروخان چوڪ واري علائقي جي خير بخش بروهي پاڙي جي رهواسين بااثر مائٽ جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مير گل بروهي گهرواري زينت خاتون، ڌيئرن رابعه، نازيه، آسيه ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏجي دانهيندي چيو ته مونکي 7 نياڻين ۽ 3 پٽن جي اولاد آهي، گذريل 15 سالن کان وٺي پاڙي ۾ خانگي ڪمپني جي ٽاور تي چوڪيداري ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. هن الزام لڳايو ته 5 مهينا اڳ مان پنهنجي بيمار نياڻي آمنه کي ڪراچي علاج لاءِ وٺي ويس، ان دوران مان ڊيوٽي تي ڀائٽي علي دوست بروهي کي رکرائي ويس، هن ٽاور تي پنهنجو ماڻهو مقرر ڪرائي ڇڏيو ۽ مونکي 4 مهينن جي پگهار به نه پيو ڏي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر ڀاڻيجي ذوالفقار بروهي خلاف ڪارروائي ڪري ٽاور تان قبضو ختم ڪرائي پگهارون ڏيئي انصاف ڪيو وڃي. رابطي تي پ پ اڳواڻ ذوالفقار بروهي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ چونڊن ۾ چيئرمين جي اميدوار طور حصو وٺڻ ڪري انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن مامي ميرگل بروهي کي مون خلاف ورغلائي ساک کي نقصان پهچايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته مامي ميرگل بروهي جي ٻن مهينن جي پگهار مون سندس ڀاءُ دلمراد بروهي کي ڏني آهي باقي هن جا الزام بي بنياد آهن جن ۾ ڪا سچائي ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button