سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قمبر واسي جو نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ قمبر جي ڳوٺ لئو ميرجت مان 36 ڏينهن اڳ پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل پورهيت محمد علي چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي کنڀيل جي ڀاءُ شوڪت علي چانڊيو پنهنجي ما عظيمان خاتون، ڀاڄائي نصرت خاتون، عبداللطيف، توفيق احمد، اعجاز علي چانڊيو ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل 24 مئي تي قمبر ٿاڻي ۽ ڊرگهھ ٿاڻي جي پوليس گهر تي چڙهائي ڀاءُ محمد علي چانڊيو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي 36 ڏينهن گذرڻ باوجود سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڪري گهرڀاتي پريشان آهيون. هن چيو ته ڀاءُ محمد علي چانڊيو ڳوٺ ۾ هارپو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهي، اسان مختلف ٿاڻن تي ڀاءُ جي ڳولا ڪئي پر ڪٿي به سندس گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي پوليس ڪجھه ٻڌائڻ لاءِ تيار آهي، اهڙي دانهن اسان ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ کي ڏني پر ان باوجود ڪو تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي گم ڪيل ڀاءُ کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، جيڪڏهن هن مٿان ڪو الزام آهي ته کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button