سنڌ

شهدادڪوٽ ويجهو پوليس جي مبينا مقابلي ۾نوجوان جي قتل خلاف احتجاج

شھدادڪوٽ ويجهو ٽي ڏينهن اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل غلام مرتضي جمالي ۽ ٻن زخمين عامر جوڻيجو ۽ شاھد جوڻيجو جي وارثن ۽ برادري جي ماڻهن ڳڙھي خيرو-شھدادڪوٽ روڊ تي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان غلام مرتضى جمالي جي پيرسن والد غلام عباس جمالي، ڀا حاڪم جمالي، سلطان جمالي، الهورايو جمالي، عبدالرشيد ۽ ٻين چيو ته 3 ڏينهن اڳ سنجر ڀٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام مصطفى کوسو بنا پوليس وردي نشي جي حالت ۾ پوليس اھلڪارن سان گڏجي زمين تان واپس ڳوٺ ويندڙ ٽن ڳوٺاڻن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ ميونسپل کاتي جو ملازم غلام مرتضى جمالي قتل ٿي ويو، عامر جوڻيجو ۽ شاهد جوڻيجو سخت زخمي ٿي پيا، جيڪي هن وقت لاڙڪاڻي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ٻي واٽي تي پهتل آهن. هنن چيو ته ھڪ پاسي پوليس وڏو ظلم ڪيو آهي ته ٻي پاسي وري مقتول ۽ زخمين مٿان ناحق ڪلاشنڪوف ۽ وڏي مقدار ۾ گوليون ھٿ ڪرڻ جو ڊرامو رچائي ڪيس داخل ڪري وڏي ناجائزي ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button