لاڙڪاڻي جي نانو پڌر واري علائقي جي رهواسڻ عورت پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي مڙس جي مبينا ظلم خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت صائمه شيخ پنهنجي پٽ ياسر شيخ، نياڻي نور فاطمه سان گڏجي دانهيندي چيو ته 16 سال اڳ منهنجي شادي شڪارپور واسي نعمان شيخ سان ٿي، جنهن ۾ ٽن نياڻين ۽ پٽ جي اولاد آهي، جڏهن ته مڙس چرس ۽ ڀنگ جو موالي آهي، جيڪو نشو واپرائي مون سميت ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندو آهي، ظلم کان تنگ ٿي مان پنهنجي مائٽن وٽ رهائش اختيار ڪئي آهي. هن چيو ته اهڙي درخواست ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي ڏني آهي پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي مڙس نعمان شيخ خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close