سنڌ

يارولنڊ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار

يارولنڊ جي ڳوٺ الهڏوايو لنڊ، رحم علي لنڊ ۽ ڏيٿري جي ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي ڏينهن به پوليو جي ٽيم واپس موٽي وئي. ڳوٺاڻن الهوڌايو لنڊ، طالب لنڊ ۽ ٻين چيو ته هر سال جيان هن سال به پتافي مائينر جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهتو آهي، واهن جي منڍ ۾ بااثر زميندارن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي، پر اسان پڇڙي جي آبادگارن سان هر سال ظلم ڪري پاڻي آخر ۾ ڏنو وڃي ٿو، جنهن سبب اسان جو فصل نه ٿو ٿئي، پاڻي مند تي نه اچڻ ڪري سوين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن، فصل نه ٿيڻ ڪري اسان جا ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. هنن وڌيڪ چيو ته شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آھي، اسان پيئڻ لا کارو پاڻي استعمال ڪريون ٿا. هاڻي اسان فيصلو ڪيو آھي ته پتافي مائينر جي پڇڙي ۾ جيتري تائين پاڻي نه پهچندو، تيستائين پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button