سنڌ

مورو ۾ گم ٿيل نياڻي کي نامعلوم ماڻهو گهر وٽ ڇڏي ويا

مورو جي گلشن مختيار ڪالوني جي رهواسي نواب علي منگي جي 10 ڏينھن اڳ گم ٿيل پنج سالن جي نياڻي انمول منگي کي نامعلوم ماڻھو گھر اڳيان ڇڏي ويا. ما ۽ پي نياڻي کي ڏسي ڳوڙها ڳاڙي ويٺا. اطلاع تي ڊي ايس پي عبدالحڪيم مزاري ۽ ايس ايڇ او محمد اشرف ميمڻ پورھيت جي گھر پھچي نواب علي منگي کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي ڊي ايس پي عبدالحڪيم مزاري ۽ ايس ايڇ او محمد اشرف ميمڻ چيو ته معصوم نياڻي جي اغوا کانپوءِ پوليس پنھنجي ڳجهي حڪمت عملي جوڙي رات ڏينھن معصوم نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪوششون ورتيون. پوليس جي دٻاءُ جي ڪري معصوم نياڻي مائٽن کي ملي آھي. هنن چيو ته اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي نياڻي جي پي نواب علي منگي پوليس، صحافين ۽ سول سوسائٽي جا ٿورا مڃيندي دعائون ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button