قاضي احمد ٿاڻي جي حد ۾ مسجد جو پيش امام دوڙ لڳ ڳوٺ ڪاٺڙي جو رھواسي سعلي نواز ڏاھري عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويو. مغوي جي پي محمد مٺل ڏاھري ۽ عبدالجبار ڏاھري ٻڌايو ته پٽ ڇنڇر ڏينهن گهران نڪتو ته سندس نمبر بند ٿي ويو. سومر ڏينهن شام جو فون آئي جنهن پاڻ کي لاھوتي ڌاڙيل ڄاڻايو ۽ چيو ته تنهنجو پٽ سکر با پاس تي اچي لٿو، جتان اسان اغوا ڪيو آهي. ھاڻي اسان وٽ آهي. 30 لک ڀنگ ڏئي پٽ کي آزاد ڪرائي وڃو. ھن چيو ته اسان غريب پورھيت آھيون، 30 لک ڪٿان آڻيون. ھن چيو قاضي احمد پوليس ٿاڻي جو پيش امام ھجڻ باوجود پوليس اسان جي مدد نه ڪئي ۽ چيو ته ھي سکر جي حد جو واقعو آھي. اوھان سکر وڃو. هن مطالبو ڪيو ته پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close