پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ نمائش چورنگي وٽ تحريڪ انصاف جو ڌرڻو ختم

ڪراچي: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان جي لانگ مارچ ختم ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ ڪراچي ۾ نمائش چورنگي وٽ شروع ٿيندڙ احتجاجي ڌرڻو به خميس جي صبح 8 وڳي ختم ڪيو ويو ۽ ڪارڪن پرامن نموني ڇڙوڇڙ ٿيڻ شروع ٿي ويا. احتجاجي ڌرڻي ۾ علي حيدر زيدي، فردوس شميم نقوي، خرم شير زمان، شهزاد قريشي، بلال غفار ۽ عباس جعفري موجود هئا، مظاهري ۾ ميوزيڪل نائيٽ جو انتظام ڪيو ويو جنهن ۾ ڪارڪنن جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو. تحريڪ انصاف طرفان ڏنل ڌرڻي ۾ عورتن سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. رات دير سان ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي برياني، پلاءُ، رول پراٺا ۽ پاڻي به فراهم ڪيو ويو. ڌرڻي تي ويٺل ماڻهو سڄي رات عمران خان سان ٻڌي جا نعرا هڻندا رهيا ۽ نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي خلاف سخت زبان استعمال ڪندا رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button