
اسلام آباد/ڪراچي: عمران خان سميت تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻن خلاف باهيون ڏيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. رپورٽ مطابق اسلام آباد ۾ باهيون ڏيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سميت اسد عمر ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. لانگ مارچ دوران اسلام آباد ۾ باهيون ڏيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه تي عمران خان، اسد عمر، عمران اسماعيل ۽ تحريڪ انصاف جي ٻين اڳواڻن سميت 150 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن راجا خرم نواز، علي امين گنڊاپور ۽ علي نواز اعواڻ خلاف به ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڪيس ڪوهسار ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا ۽ پوليس ڪيسن ۾ 39 ماڻهن جي گرفتاري به ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ ڪراچي پوليس پڻ تحريڪ انصاف ڪراچي جي قيادت خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ڪيس داخل ڪري چڪي آهي.