پاڪستانپنجاب

عمران خان جو الٽيميٽم شرمندگي کان بچڻ جو بهانو آهي: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته قوم ڏڦيڙ واري مارچ کي رد ڪري ڇڏيو، حقيقي آزادي جو سفر پنهنجي گهران شروع ٿيندو آهي، عمران خان پنهنجي ٻارن کي لنڊن ۾ ويهاريو آهي، جيڪڏهن آزادي ڏيارڻي اٿوَ ته پنهنجي ٻارن کي هتي گهرايو. لاهور ۾ شهيد ڪانسٽيبل جي بيواهه سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته شهيد ڪانسٽيبل جي بيواهه ۽ 5 ٻارن سان ملي آئي آهيان، مان پاڻ ماءُ آهيان، ڪيفيت سمجهي سگهان ٿي، ڪانسٽيبل جي شهادت جو ذميوار عمران خان آهي، بيواهه ۽ ٻارن کي گهر اسان جي حڪومت ڏيندي، شهيد جي ٻارن جا تعليمي خرچ به حڪومت برداشت ڪندي. هن چيو ته عمران خان لاءِ 6 ڏينهن جو وقت شرمندگيءَ کان بچڻ جي بهاني کانسواءِ ڪجهه ناهي، 25 لک ماڻهو آڻڻ جي دعويٰ ڪندڙ 20 هزار ماڻهو به گڏ نه ڪري سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button