پاڪستانسنڌ

تيل مهانگو ٿيڻ باوجود مهانگائي روڪڻ جي ڪوشش ڪبي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيٽرول جون قيمتون وڌڻ باوجود مهانگائي کي روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، ڪنهن به معاشري جي بهتري جي لاءِ سماجي قدر ضروري آهن، سماجي قدر پهرين بهتر هئا جيڪي هاڻ ختم ٿي ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سماجي قدرن جي تنزلي ۽ معاشري ۾ عورتن جي ڪردار جي عنوان سان آرٽس ڪائونسل پاڪستان ڪراچي ۾ مباحثي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آصف علي زرداري جي حڪومتي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ فقط عورتن کي شامل ڪيو ويو. سنڌ ۾ بي زمين عورتن کي 25 ايڪڙ زمين جا مالڪاڻا حق ڏنا ويا. هن چيو ته اسان اهو عورتن تي ڪو احسان ناهي ڪيو، اهو انهن جو حق آهي جيڪو عورتن جو مقام آهي سو اسان کي ڏيڻو آهي ۽ کين اڳتي وڌڻ جا وڌ ۾ وڌ موقعا ڏيڻا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button