اسلام آبادپاڪستان

ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس: بلاول ڀٽو

ڊيووس: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جو اقتدار تان هٽڻ پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ اعزاز آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڊيووس ۾ هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ وزيراعظمن کي غير جمهوري طريقي سان هٽائڻ جي تاريخ آهي، عمران خان جو اقتدار تان هٽڻ پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ اعزاز آهي. هن عمران خان جو آمريڪي مداخلت جو الزام رد ڪندي چيو ته عمران خان جمهوري عمل ذريعي هٽائڻ کانپوءِ انتهائي پوزيشن وٺندي آمريڪا مخالف جذبن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پرڏيهي وزير طور منهنجو ڌيان دنيا ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي پيش چئلينجن تي آهي، پاڙيسري ملڪن ۽ اولهه سان گڏيل سهڪار ذريعي ئي پاڪستان کي اڳتي وٺي سگهي سگهون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته مون کي پنهنجي سيڪيورٽي بابت خدشا ناهن هوندا، ڇو ته جيڪڏهن توهان سياست ۾ آهيو ته توهان کي خوف پنهنجي دل مان ڪڍڻو پوندو، ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندس ۽ پ پ جي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button