سنڌ

مٺي ۾ گرفتار پي ٽي آئي اڳواڻ عدالت ۾پيش، احتجاجي ڌرڻو

مٺي ۾ پوليس هٿان قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آ اڳواڻ لجپت سوراڻي ۽ گومون ڀيل سميت 11 ڪارڪنن کي جوڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس تشدد ۾ زخمي ٿيل ڪارڪنن جون عدالت ۾ ذھني ۽ جسماني تشدد جون شڪايتون ڪيون. پي ٽي آئي ڪارڪنن ٻئي ڏينهن به روڊن تي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو. مٺي پوليس گرفتار پي ٽي آئي اڳواڻ لجپت سوراڻي، گومون ڀيل، پرشوتم سوراڻي، سومار ڀيل، چندر ڀيل سميت 11 ڪارڪنن کي جڊيشنل مئجسٽريٽ ون مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، گرفتار سياسي ڪارڪنن عدالت ۾ پوليس جي وحشياڻي تشدد جا واضح نشان ڏيکاريا ۽ شڪايتون ڪيون ته کين پوليس سياسي وفاداريون بدلائڻ لا ذهني ۽ جسماني ٽارچر ڪري انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن، اسان سان ڏوهارين ۽ جنگي قيدين جهڙو ورتا ڪيو ويو آھي، اسان رتورت ۽ تشدد ۾ بي حال ٿي ويا آھيون، اهڙي بيان بعد عدالت گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو پوليس کي رمانڊ نه ڏنو ۽ کين جڊيشل ڪسٽڊي تحت جيل روانو ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پي ٽي آئي ڪارڪنن ٻئي ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان دوران ڪارڪنن جو پوليس سان چڪريون ٿيون. ان موقعي تي اڳواڻن نهالچند سوراڻي، سورو مل ڀيل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سوراڻي هائوس تي پوليس چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي. هنن چيو ته اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پنهنجي منزل تان ھٽائي نٿو سگهجي. ٻئي طرف گرفتار اڳواڻ لجپت سوراڻي ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي ٿرپارڪر ذاتي دشمني تي لهي آيو آھي، اڳ ۾ اسان جي پرامن احتجاج تي لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪري مون سميت 150 ساٿين تي دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هو ۽ هيئنر به منهنجي گهر تي چڙھائي ڪري مون کي گرفتار ڪري پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي.ايس ايس پي ٿرپارڪر کي فورن هٽائي ٿر جو امن بچايو وڃي. هن چيو ته اسان ڪورٽ سڳوري ۾ انصاف جي اميد رکون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button