سنڌ

ميرو خان ۾ ٻارڙي سان زيادتي الزام هيٺ آيل نينگر جي وارثن جو احتجاج

ميروخان جي ڀٽي پاڙي ۾ 3 ڏينهن اڳ مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل 5 ورهين جي معصوم ٻارڙي جي پيءُ جي فرياد تي اڳواٽ گرفتار ڪيل ستين ڪلاس جي شاگرد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته معصوم ٻارڙي پاڙي جي مسجد ۾ سبق وٺڻ لاءِ وڃي رهي هئي ته نينگر کيس زوري کڻي وڃائي زيادتي ڪئي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل جوابدار وارثن پاران تعلقه پريس ڪلب ميروخان آڏو احتجاج ڪيو. الزام هيٺ آيل نينگر جي پي پرائمري استاد دانهيندي چيو ته مان پاڻ استاد آهيان، سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم سان گڏ تربيت ڏني آهي. هن چيو ته منهنجي پٽ جي عمر 11 سال ۽ ستين ڪلاس جو شاگرد آهي ٻارڙي جي پي کان دڪان تان کنيل اوڌر جا پئسا گهريا ته هن منهن ماري ڪئي ۽ پٽ تي ڪوڙي تهمت هڻي ڦاسائي رهيو آهي، جڏهن ته پٽ بيگناهه آهي. هن اختيارين ۽ پوليس کان مطالبو ڪيو ته قران پاڪ تي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي جيڪڏهن پٽ تي ڏوهي ثابت ٿئي ته سخت سزا ڏني وڃي نه ته منهنجي پٽ مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي. رابطي ڪرڻ تي ميروخان پوليس جو چوڻ هو ته معصوم ٻارڙي سان زيادتي جي تصديق ناهي، جيستائين ميڊيڪل جي حتمي رپورٽ نه ايندي تيستائين تصديق نٿي ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button