سنڌ

ڪشمور ويجهو ڦر مزاحمت دوران فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ڪشمور ويجهو هٿياربندن ڳوٺاڻن کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هڪ ڳوٺاڻي اسپتال ۾ دم ڏيئي ڇڏيو. وارثن لاش روڊ تي رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو. خبر موجب ڪشمور ۾ نائچ ڳوٺ وٽ هٿياربندن موٽرسائيڪل سوارن ڳوٺاڻن کان ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 3 ڄڻا ميران بخش کوسو، عبدالغني کوسو، نيڪ محمد کوسو زخمي ٿي پيا. زخمي ميران بخش کوس کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. لاش کي ڪشمور تعلقي اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ٻي طرف وارثن لاش کڻائي کوسا موري وٽ مين روڊ تي ٽائرن باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري نٽهڻ اُس ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند رهڻ بعد ڊي ايس پي ڪشمور نياز احمد فاروقي مظاهرين وٽ پهچي قاتلن جي جلد گرفتاري ۽ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائڻ بعد مظاهرين روڊ کولي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. ٻي طرف وارثن ۽ ڪشمور پوليس کوجي ڪتن جي مدد سان پيرو کڻي ڪچي طرف ويا. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او حسين علي شاهاڻي چيو ته ڪا گرفتاري عمل ۽ ناهي آئي ۽ نه ئي ڪيس داخل ٿيو آهي. وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي طرف روز جي قتل، ڦر جي واقعن ۾ واڌ عوام کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته ڪشمور ضلعي جو امن تباهه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري امن امان بحال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button