سنڌ

باقراڻي ويجهو داو ڪئنال جي ڪپر کي 5 فوٽ گهارو

باقراڻي ويجهو دادو ڪئنال ۾ پاڻي ايندي ئي ڳوٺ حڪيم سنديلو ۽ سيد بچل شاهه ڀرسان دادو ڪئنال جي ڪپرکي 5 فوٽن کان وڌيڪ گهارو پئجي ويو. آسپاس ڳوٺاڻن بروقت گهاري واري هنڌ پهچي پنهنجي مدد پاڻ گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڻي جي تيز وهڪري سبب گهارو بند نه ڪري سگهيا. گهاري واري هنڌ کان پاڻي تيزي سان وهڻ لڳو، جنهن بعد آبپاشي کاتي کي اطلاع ڏنو ويو. آبپاشي عملدار مشينري ۽ ٽريڪٽرن سان گهارو بند ڪرائي نقصان کان بچائي ورتو. اطلاع ملڻ تي اي سي آبپاشي، ايس ڊي او باقراڻي، ايس ڊي او ڏوڪري گهاري واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو. رابطي تي ايس ڊي او ڏوڪري عزيز الرحمان ٻڌايو ته ڳوٺ حڪيم سنديلو ويجهو دادو ڪئنال کي معمولي روڻ پئي هئي، جنهن کي بروقت عملدارن پهچي بند ڪري ڇڏيو، خطري جي ڪا به ڳالهه ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button