سنڌ

وارهه شهر ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

وارهه شهر جي لطيف ڪالوني، مٺا ڪالوني، حمل محلي، سرڪاري اسپتال ڪالوني جا ٽن مهينن کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حاڪم علي پتوجو، سبحان گاڏهي، محرم صاحباڻي، مجيد گائنچو، اياز وڪيل کهاوڙ، لال خان چانڊيو، غلام حسين، ثنا الله صاحباڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته اسان جي محلن جا ٽن مهينن کان سڙيل ٽرانسفارمرن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري سخت گرمي ۾ ٻار توڙي بزرگ سخت عذاب ۾ ورتل آهن. اختياريون نوٽيس وٺي سڙيل ويل ٽرانسفارمرن جي مرمت ڪرائي بجلي بحال ڪري ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button