سنڌ

سڳيون ڀرسان هٿياربندن گهر کي باهه ڏئي ڇڏي،سامان سڙي رک

سڳيون ڀرسان ڪچي ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري ٻلهڙيجي پتڻ وٽ رات دير سان 4 هٿياربندن راحب ڪلهوڙو جي گهر تي حملو ڪري ڪکائين گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب گهر ۾ پيل اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. جنهن کانپو متاثر ۽ ڳوٺاڻن راحب علي ڪلهوڙو، محمد الياس ڪلهوڙو، صادق ڪلهوڙو، عبداللطيف ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيو ته گذريل رات بااثر ماڻهن زاهد ابڙو، راحب علي ابڙو، مينھل ابڙو، محبت علي ابڙو ۽ ٻين اسان جي گهر تي حملو ڪري گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن سبب گهر ۾ پيل اناج، هنڌ، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو. هنن چيو ته بااثر ماڻھو زبردستي اسان جي زرعي زمين ۽ ان ۾ ڪاهيل فصل تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. هنن اپيل ڪئي ته خدارا جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button