سنڌ

قمبر ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

قمبر ۾ لاڙڪاڻي روڊ تي ايم خان شادي هال ويجهو صبح جو سوير ننڊ ستل ٿريشر جي مستري عبدالله عرف اڪرم ڪمبوهه ۽ عمران ڪمبوهه کي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. واقعي جي اطلاع تي قمبر سٽي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس موجب مقتول پنجاب صوبي جي رحيم يار خان جا رهواسي هئا، جيڪي هر سال ساريلي مند ۾ قمبر ۾ ٿريشرن جو ڪم ڪرڻ ايندا هئا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي. جڏهن ته وارث ٻئي لاش وصول ڪرڻ بعد اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button