سنڌ

پاڻي تي ڌاڙي خلاف قاضي احمد کان نواب شاهه تائين پيادل مارچ

سنڌو درياهه تي ڌاڙي، شاخن ۽ واٽر ڪورسن جي پڇڙين ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف قاضي احمد کان 2 ڏينهن کان نڪتل پيادل مارچ سڪرنڊ کان ٿيندو نواب شاهه پريس ڪلب پهتو. مارچ جي اڳواڻي عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريد بخشل ٿلھو، سنڌ ھاري پورھيت ڪميٽي جي فيض ڪيريو، سنڌ گروئرز آرگنائزيشن جي رضا چانڊيو، جسقم جي مورڙو ميربحر، شاھد کوسو ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ بخشل ٿلھو خطاب ڪندي چيو ته پاڻي جي کوٽ دوران پنجاب پنھنجا ڪئنال ۽ ڊيم ڀري سنڌو درياهه کي سڪائي ڇڏيندو آھي. ارسا ۽ صوبائي حڪومتون پنجاب آڏو بيوس بڻيل ھونديون آھن. ھن چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي ورڇ بابت 1991 وارو ٺاهه صرف دستاويزن ۾ موجود آھي، ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي. ھن وقت سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه ھئڻ سبب بدين، ٺٽو ۽ لاڙ پٽ ۾ سمنڊ لکين ايڪڙ زميون ڳڙڪائي ويو آھي. سمنڊ ۾ درياھي پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري آبي جيوت تباهه ٿي وئي آھي. اسان جون ڍنڍون زھر بڻجي ويون آھن. سنڌ سراپا احتجاج آھي پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button