لاڙڪاڻي جي بيت المال ڪالوني جي رهواسڻ عورت پاڪ ڪتاب کڻي پٽ جي گرفتاري ۽ پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت سون ٻائي جتوئي دانهيندي الزام لڳايو ته ايس ايڇ او خادم مگسي ۽ سي آءِ پوليس انچارج ڳوٺ حمزو واسي واسي آصف جتوئي ۽ غلام نبي جتوئي جي چرچ تي منهنجي پٽ ارسلان جتوئي کي ڪوڙي ڦر ڪيس گرفتار ڪري سي آءِ ٿاڻي تي رکي ڇڏيو آهي، جنهن جي ملاقات لا ويس جتي پوليس کيس ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ ارسلان کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close