سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو پٽ جي گرفتاري خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

لاڙڪاڻي جي بيت المال ڪالوني جي رهواسڻ عورت پاڪ ڪتاب کڻي پٽ جي گرفتاري ۽ پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت سون ٻائي جتوئي دانهيندي الزام لڳايو ته ايس ايڇ او خادم مگسي ۽ سي آءِ پوليس انچارج ڳوٺ حمزو واسي واسي آصف جتوئي ۽ غلام نبي جتوئي جي چرچ تي منهنجي پٽ ارسلان جتوئي کي ڪوڙي ڦر ڪيس گرفتار ڪري سي آءِ ٿاڻي تي رکي ڇڏيو آهي، جنهن جي ملاقات لا ويس جتي پوليس کيس ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ ارسلان کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button