سنڌ

سڳيون ۾ پ پ، پي ٽي آ ۽ جي ڊي اي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري

سڳيون ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. پيپلز پارٽي سميت پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي طرفان نامزد اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن، جتي پيپلزپارٽي طرفان چيئرمين جي ٽڪيٽ الطاف خان مشوري ۽ وائيس چيئرمين جي ٽڪيٽ لياقت قريشي جي حوالي ڪئي وئي. ضلعي ڪائونسل جي سيٽ حاجي شھداد خان ڀاڳت حوالي ڪئي وئي، جي ڊي اي پاران چيئرمين جي ٽڪيٽ فقير علي ڏنو خان منگي، وائيس چيئرمين ايڊووڪيٽ منور شيخ جي حوالي ڪئي وئي. ضلعي ڪائونسل لعل بخش سيال، تحريڪ انصاف پاران چيئرمين جي ٽڪيٽ رحمان ڀنڀرو، وائيس چيئرمين جي ٽڪيٽ غلام قادر چنا ۽ ضلعي ڪائونسل جي سيٽ اختيار چنا حوالي ڪئي، ٻئي طرف يوسي عبدالڪريم کرل ۾ پ پ طرفان چيئرمين شپ جي ٽڪيٽ علي گل عباسي کي جاري ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button