سنڌ

ڪوٽڙي ۾ پاڻي لا۽ ڌرڻو هڻندڙ 111 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

ڪوٽڙي سائيٽ جي ميونسپل ڪاميٽي ٻولھاڙي جي 10 کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي لا سومر ڏهاڙي ڪيل ڌرڻو کانپو ڪوٽڙي ٿاڻي تي 11 سڃاتل ۽ 100 اڻڄاتل جنهن ۾ امجد مستوئي، ستار لوهر، مختيار لوهر، قاري وزير مجاهدي، خليل شاهه، طارق جانوري، مختيار چنا ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو مختلف ڌرين جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي امجد مستوئي، ۽ ٻين چيو ته اسان جو پيئڻ جو پاڻي گهرڻ بنيادي حق آهي، حق گهرڻ تي اسان مٿان ڪوڙي ايف آ آر داخل ڪئي وئي آهي. ڊي سي ۽ پبلڪ هيلٿ وارا پيئڻ جو پاڻي به نٿا ڏين، اسان پاڻي لا احتجاج ڪنداسين ۽ ڌرڻا هڻنداسين ڀلي گرفتار ڪيو وڃي. اسان ڪيسن کان نٿا ڊڄون، گرفتاريون ڏيڻ آيا آهيون. جسقم اڳواڻ ديدار شام ۽ ٻيا يڪجهتي طور مظاهري ۾ پهتا. ڊي ايس پي شبير سرڪي موجب ايس ٽي پي ضلعي قيادت هڪ ڏينهن اڳ ڳالهيون ڪيون، اسان مطالبا تسليم ڪيا پر ان باوجود ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري عوام کي پريشان ڪيو ويو، ان ڪري ڪيس داخل ڪيوسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button