
لاڙڪاڻي شهر جي ليليٰ آباد پاڙي جي رهواسي پيرسن واپاري سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، جتي هن تيز آواز ۾ آذان ڏئي پياسي سنڌ کي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن واپاري محمد ياسين کوکر دانهيندي چيو ته هن وقت سنڌ صوبي اندر پاڻي جي شديد کوٽ آهي، پر افسوس جو سنڌ جا حڪمران خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن، جنهن ڪري مان بيمار هجڻ باوجود پنهنجو فرض سمجهي گهران ٻاهر نڪري لاڙڪاڻي جي مختلف چوڪن چوراهن تي آذان ڏئي پياسي سنڌ کي پاڻي ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته سنڌ جي مختلف ڪئنالن، واهن ۽ شاخن ۾ هن وقت واري اڏامي رهي آهي، سنڌ جا ماروئڙا پاڻي لپ لاءِ سڪي رهيا آهن، جڏهن ته پاڻي جي بدترين کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، هاري ۽ آبادگار پاڻي نه هجڻ سبب ساريالو فصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن پر افسوس جو حڪمرانن جي ڪن تي جونءُ به نه ٿي سري. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور سنڌ کي پاڻي ڏئي هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ٿيڻ کان بچايو وڃي.