سنڌ

لاڙڪاڻي ۾پيرسن جوڙي جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي الھ آباد پاڙي جي رهواسي پيرسن جوڙي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پورهيت گلشن علي هليو گهرواري خاتون هليو سان گڏجي دانهيندي چيو ته 3 مهينا اڳ پاڙي جي رهواسي بااثر ممتاز شيخ رضا خوشي سان پنهنجي نياڻي ڪونج جي شادي منهنجي پٽ غلام حسين هليو سان ڪرائڻ بعد کين پاڻ سان گڏ گهر ۾ رهايو. هن چيو ته 4 ڏينهن اڳ بااثر ممتاز شيخ سندس پٽن وسيم، وقاص، احسان، مائٽن امتياز شيخ ۽ رياض شيخ الھ آباد ٿاڻي تي ناري ڪونج جي اغوا جو ڪيس منهنجي پٽن غلام حسين هليو، غلام علي، سجاد ۽ شهباز هليو مٿان داخل ڪرايو آهي، جنهن ڪيس جي آڙ ۾ پوليس گهر تي چڙهائي ڪري پٽ شهباز هليو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي، جڏهن ته بااثر ممتاز شيخ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري داخل ٿيل ڪيس خارج ڪرائڻ سميت بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button